منگل، 21 مارچ، 2023

فطري جا احڪام ۽ مسائل

 «__________فطري جا احڪام ۽ مسائل__________»



فطري جي فضيلت: انسان کان روزي جي اندر ڪئين لغزشون ۽ غلطيون ٿينديون رھن ٿيون جن جو ھن کي ارادو نہ ھوندو آھي. بلڪہ بي خبري کان ڪئين غلطيون ٿيو وڃن ٿيون. مثلاً بي صبري، زيادہ ڪاوڙ، برا ارادہ اجايا لفظ زبان مان نڪرڻ وغيره. تنھنڪري فطري جو صدقو مقرر ڪيو ويو آهي تان ته انھن غلطين جو ڪفارو ٿي وڃي. جيئن ابو دائود ۾ ابن عباس رضي الله عنھما کان روايت آهي ته؛ 

فَرَضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ زَكَاةَ الْفِطْرِ طُهْرَةً لِلصَّائِمِ مِنَ اللَّغْوِ وَالرَّفَثِ وَطُعْمَةً لِلْمَسَاكِينِ،

رسول الله صلي الله عليه وسلم فطري جي زڪوات فرض فرمائي. ھن لاءِ ته روزو اجاين ڳالهين ۽ ٻين ٿين غلطين کان پاڪ ۽ صاف ٿيندو رھي. ۽ مسڪينن لاءِ کاڌي جو بندوبست ٿيندو رھي.


فطري جو حڪم: فطرو ھر ڪنھن مسلمان تي فرض آهي. ٻانھو ھجي يا آزاد، مرد ھجي يا عورت ۽ ھر ننڍي وڏي جي طرفان ڏيڻ ضروري آهي. جيئين ته حديث جي اندر مذڪور آهي:

عَنِ ابْنِ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا، قَالَ : فَرَضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ زَكَاةَ الْفِطْرِ صَاعًا مِنْ تَمْرٍ أَوْ صَاعًا مِنْ شَعِيرٍ عَلَى الْعَبْدِ وَالْحُرِّ، وَالذَّكَرِ وَالْأُنْثَى، وَالصَّغِيرِ وَالْكَبِيرِ مِنَ الْمُسْلِمِينَ، وَأَمَرَ بِهَا أَنْ تُؤَدَّى قَبْلَ خُرُوجِ النَّاسِ إِلَى الصَّلَاةِ

ابن عمر رضي الله عنھما کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فطري جي زڪوات کجور يا جَوَن مان ھڪ صاع (ٽويو) فرض فرمايو. ھر ٻانھي، آزاد، مرد، عورت، ننڍي، وڏي سڀني جي مٿان فرض فرمايو، ۽ حڪم ڏنائون ته عيد نماز تي وڃڻ کان اڳ ادا ڪيو وڃي. (صحيح بخاري:1503)

نوٽ: فطرو جَوَ، کجور، ڊاک ۽ طعام مان ڏجي جيئن حديث مبارڪه جي اندر آهي ته:

عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، قَالَ : كُنَّا نُعْطِيهَا فِي زَمَانِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ صَاعًا مِنْ طَعَامٍ، أَوْ صَاعًا مِنْ تَمْرٍ،أَوْ صَاعًا مِنْ شَعِيرٍ، أَوْ صَاعًا مِنْ زَبِيبٍ، 

ابوسعيد خدري رضي الله عنہ کان روايت آهي ته اسين رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ طعام يا کجور جَوَ يا ڊاک مان ھڪ صاع فطرو ڏيندا ھئاسون.

(صحيح بخاري:1508)

نيز ڪجھ حديثن ۾ پنير، ڪڻڪ ۽ اٽي جا لفظ بہ موجود آھن.


فطري ڏيڻ جو وقت: فطري ڏيڻ جو مسنون وقت ھي آهي ته عيد جي ڏينهن عيد نماز تي وڃڻ کان اڳ ادا ڪيو وڃي. ڇو ته ابن عمر رضي الله عنھما جي حديث ۾ آهي ته:

أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَمَرَ بِزَكَاةِ الْفِطْرِ قَبْلَ خُرُوجِ النَّاسِ إِلَى الصَّلَاةِ

رسول الله صلي الله عليه وسلم ماڻهن جي عيد نماز ڏانھن نڪرڻ کان اڳ فطري جي زڪوات ادا ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. (صحيح بخاري:1509) ۽ ابوسعيد خدري رضي الله عنہ جي روايت ۾ آهي ته

كُنَّا نُخْرِجُ فِي عَهْدِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ الْفِطْرِ

اسين رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ عيد جي ڏينهن فطري جي زڪوات ڪڍندا ھئاسون. (صحيح بخاري:1510)

ٻنھي حديثن جي ملائڻ سان معلوم ٿيو ته سنت طريقو ھي آهي ته عيد جي ڏينهن عيد نماز کان اڳ فطرو ادا ڪيو وڃي.


نوٽ: بخاريءَ ۾ عبدالله بن عمر رضي الله عنھما کان لفظ آھن ته:

وَكَانُوا يُعْطُونَ قَبْلَ الْفِطْرِ بِيَوْمٍ أَوْ يَوْمَيْنِ.

يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ عيد جي ڏينهن کان ھڪ يا ٻہ ڏينهن اڳ فطرو ڏيندا هئا. (صحيح بخاري:1511)

ھن مان مراد آهي ته بيت المال ۾ عيد کان اڳ فطرا جمع ڪيا ويندا هئا مگر تقسيم انھي ڏينھن ڪرڻي آهي. بلڪه ان ساڳي حديث ۾ ھن جملي کان اڳ ھي لفظ آھن ته (وَكَانَ ابْنُ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا يُعْطِيهَا الَّذِينَ يَقْبَلُونَهَا) ابن عمر رضي الله عنھما انهن کي فطرو ڏيندا هئا جيڪي وٺندا (جمع ڪندا) هئا. (صحيح بخاري:1511) ان جي وضاحت مؤطا مالڪ ۾ موجود آهي 

أن ابن عمر كان يبعث زكاة الفطر إلى الذي يجمع عنده قبل الفطر بيومين أو ثلاثة. 

ابن عمر رضي الله عنھما فطرا گڏ ڪرڻ واري ڏينهن عيد کان ٻہ يا ٽي ڏينهن اڳ پنھنجو فطرو ڏياري موڪليندو هو. (مؤطا مالڪ:777) واللہ اعلم بالصواب


صاع مان مراد ڪھڙو صاع آهي؟ 

علماء حجاز متفق آهن ته ان مان مراد حجازي صاع آهي جو رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ مستعمل ھو.جنھن جي ماپ پنج رطل ۽ ھڪ ٽھائي آهي. جڏهن ته حنفي چون ٿا ھن مان عراقي صاع مراد آهي جنھن جي ماپ اٺ رطل آهي. ظاهر آهي ته جڏهن رسول الله صلي الله عليه وسلم صاع جو حڪم ڏنو آهي ته اُھو ئي صاع ٿي سگھي ٿو جو سندن صاع جي موافق ھجي. حسين بن وليد نيشابوري ٻڌايو ته اسان وٽ قاضي ابو يوسف حج تان موٽي آيو ۽ چيائين ته آئون اوھان کي ھڪ خاص مسئلي جو حل ٻڌايان ٿو جنهن جو مون کي فڪر ھو ۽ تحقيق ڪئي اٿم آئون جڏهن مديني منوره آيس اتي صاع بابت پڇيم انھن پنھنجو صاع ڏيکاري چيو ته ھي رسول الله صلي الله عليه وسلم جو صاع آھي. مون انھن کان پڇيو ان بابت اوهان وٽ ڪھڙو دليل آهي. چيائون ته ان بابت دليل سڀاڻي تو وٽ پيش ڪنداسون. صبح ٿيو ته تقريباً پنجاھ بزرگ مھاجرن ۽ انصارن جي اولاد مان آيا. ھرڪو پنھنجي چادر ۾ صاع ويڙھيو کنيو آيو. (كل رجل منهم يخبر عن أبيه وأهل بيته أن هذا صاع رسول الله صلى الله عليه وسلم) ھرڪو انھن مان مون کي ٻڌائي رھيو ھو ڪو چوي پيو ته منھنجي والد ٻڌايو تہ ڪو وري چوي پيو ته منھنجي فلاڻي گھر جي ڀاتي ٻڌايو. سڀ چون ٿا ته ھي رسول الله صلي الله عليه وسلم جو صاع آھي پوءِ جاچيم ته انھن سڀني صاعن جي ھڪ ئي ماپ آهي. پوءِ انھن کي ماپيم ته تقريباً پنج رطل ۽ ھڪ ٽھائي ٿيو. (فرأيت أمرا قويا، فتركت قول أبي حنيفة في الصاع وأخذت بقول أهل المدينة) پوءِ انھيءَ دليل کي قوي سمجھيم ۽ امام ابو حنيفہ جو صاع بابت قول (تہ اھو اٺ رطل آهي) مديني وارن جي قول (پنج رطل ۽ ھڪ ٽھائي) کي ورتم. (سنن الڪبري للبيھقي:7721)


موجوده دؤر ۾ صاع جي ماپ؟

فضيلة الشيخ بديع الدين شاه راشدي رحمہ اللہ جن بديع التفاسير (ج:2 ص:325) ۾ ان جو وزن ذڪر ڪيو آهي.

صاع جي ماپ يا تور موجوده وزن مطابق ھن طرح آھي؛

(۱) ڪڻڪ ٻہ ڪلو ۽ چار سؤ گرام آهي

(۲) چانور ٻہ ڪلو ۽ ڇھ سؤ گرام آهي

(۳) جوئر ٻہ ڪلو ۽ ھڪ سؤ ويھ گرام آهي

(۴) ٻاجھري ٻہ ڪلو ۽ چار سؤ اسي گرام آهي

(۵) کجور ھڪ ڪلو ۽ اٺ سؤ گرام آهي


نوٽ: سائين بديع الدين شاه راشدي رحمہ اللہ عليہ جن وٽ اھو صاع پيل ھو جيڪو صحيح سند سان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مديني واري صاع سان برابري رکي ٿو. لھٰذا اھا ادائيگي ڪافي آهي.


««-------تحرير: محمد عمران سلفي----»»

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

عورتن جو مسجد ۾ اعتڪاف

 عورتن جو مسجد ۾ اعتڪاف معاشري ۾ ھڪ خطا رواج بڻجي رھي آھي، عورتون گھر ۾ اعتڪاف ويھي رھنديون آھن، اھي سمجھنديون آھن تہ شايد ھن ۾ پردي جي وڌيڪ...