منگل، 21 مارچ، 2023

عورتن جو مسجد ۾ اعتڪاف

 عورتن جو مسجد ۾ اعتڪاف



معاشري ۾ ھڪ خطا رواج بڻجي رھي آھي، عورتون گھر ۾ اعتڪاف ويھي رھنديون آھن، اھي سمجھنديون آھن تہ شايد ھن ۾ پردي جي وڌيڪ حفاظت آھي، يا گھر ۾ اعتڪاف ويھڻ ڪو مسنون عمل آھي يا انھن جو خيال آھي تہ گھر ۾ اعتڪاف ويھڻ افضل آھي. تہ اھڙو ڪو مسئلو شريعت ۾ ناھي، بلڪہ شرع جي اصولن مان معلوم ٿئي ٿو ته عورت گھر ۾ اعتڪاف نٿي ڪري سگھي، ڇو تہ اعتڪاف جي شرعي تعريف ھي آھي:

⭐ اَلْمُكْثُ فِى الْمَسْجِدِ مِنْ شَخْصٍ مَخْصُوصٍ بِصِفَةٍ مَخْصُوصَةٍ

"ڪنھن مخصوص شخص جو خاص صفت سان مسجد ۾ رھڻ جو نالو اعتڪاف آھي."

(شرح النووي:۳۷۱/۱, فتح الباري لابن حجر:۲۷۱/۴, فتاوي عالمگيري:۲۲۱/۱)

⭐ اللہ تعالي جو فرمان آهي:

وَأَنتُم عاكِفونَ فِي المَساجِدِ

"توھان مسجد ۾ اعتڪاف ڪري رھيا آھيو" (البقرہ:۱۸۷)

📌 حافظ ابن حجر رحمہ اللہ (۸۵۲ھ) ھن آيت مبارڪہ جي ھيٺ لکن ٿا:

عُلِمَ مِن ذِكْرِ الْمَسَاجِدِ أَنَّ الْمُرَادَ أَنَّ الْإِعْتِكَافَ لَايَكُونُ اِلَّا فِيْهَا

"مسجدن جي ذڪر سان معلوم ٿيو تہ مسجدن کان علاوه اعتڪاف ٿئي ئي نٿو" (فتح الباري:۲۷۲/۴)


👈 رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ اعتڪاف:

رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ عورتون مسجد ۾ ھي اعتڪاف ڪنديون ھيون ۽ ان دور ۾ اعتڪاف جي لاءِ مسجد جو ھجڻ شرط سمجھيو ويندو ھو. دليل ذڪر ڪجن ٿا:

⭐ 

"نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن اعتڪاف جو ارادو ڪيو، پوءِ جڏھن ان جڳھ واپسي موٽيا، جتي اعتڪاف ويھڻ جو ارادو ڪيو ھو تہ ڏٺائون ان جڳھ تي ڪيترا خيمہ لڳل ھئا. ھڪ خيمو عائشہ جو، ھڪ حفصہ جو، ھڪ زينب جو (رضي اللہ عنھن). تہ پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايائون؛ ڇا توهان ان مان نيڪي جو ارادو ڪيو ٿيون؟ پوءِ پاڻ صلي الله عليه وسلم واپسي موٽي ويا ۽ (رمضان) ۾ اعتڪاف نہ ڪيائون، بلڪہ شوال جا ڏھ ڏينھن اعتڪاف ڪيائون. (صحيح البخاري:۲۰۳۴)


📖 شرح الحديث:

📌 حافظ ابن حجر رحمہ اللہ (۸۵۲ھ) فرمائي ٿو:


"ھي حديث دليل آھي تہ اعتڪاف جي لاءِ مسجد شرط آهي، ڇو تہ عورتن جي لاءِ پنھنجن گھرن ۾ رڪجي رھڻ مشروع آھي، جيڪڏهن (اعتڪاف جي لاءِ) مسجد شرط نہ ھجي ھا، تہ (ازواج مطھرات جي) اجازت وٺڻ ۽ (نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي طرفان) منع ڪرڻ ذڪر نہ ھجي ھا، بلڪہ انھن جي لاءِ پنھنجن گھرن کي مسجد (نماز جي خاص جڳھ) ۾ ھي اعتڪاف ويھڻ ڪافي ھجي ھا" (فتح الباري:۲۷۷/۴)


"نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم رمضان جو آخري ڏھو اعتڪاف ويھندا ھئا، ايسيتائين جو پاڻ صلي الله عليه وسلم اللہ کي پيارا ٿي ويا، پاڻ صلي الله عليه وسلم کان پوءِ ازواج مطھرات (نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جون گھرواريون) اعتڪاف ڪنديون ھيون" (صحيح البخاري:۲۰۲۶, صحيح مسلم:۱۱۷۲) 


📖 فھم السنہ:

📌 حافظ نووي رحمہ اللہ (۶۷۶ھ) لکي ٿو:


"ھنن حديثن مان ثابت ٿئي ٿو ته اعتڪاف صرف مسجد ۾ جائز آھي، ڇو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم، پاڻ صلي الله عليه وسلم جون گھرواريون ۽ پاڻ صلي الله عليه وسلم جي صحابہ رضي الله عنھم تڪليف جي باوجود مسجد ۾ ئي اعتڪاف ڪيو، جيڪڏهن مسجد ۾ جائز ھجي ھا تہ پاڻ ھڪ ڀيري (جواز جي لاءِ) ائين ڪن ھا، خصوصا جڏھن پاڻ صلي الله عليه وسلم جي گھروارين جي لاءِ گھر ۾ اعتڪاف زياده ضروري ھيو، مرد ۽ عورت ٻنھي جي لاءِ صرف مسجد ۾ اعتڪاف جي جواز ۽ مسجد کان علاوہ عدم جواز جو موقف اسان بيان ڪيو آهي، ھي موقف امام مالڪ، امام شافعي، امام احمد بن حنبل، داؤد ۽ جمھور محدثين رحمہم اللہ جو آھي." (شرح النووي:۳۷۱/۱)


معلوم ٿيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زماني مبارڪ ۾ ۽ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن کان بعد ازواج مطھرات مسجد ۾ ئي اعتڪاف ڪنديون ھيون، جيڪڏهن عورت جي لاءِ گھر ۾ اعتڪاف ڪرڻ صحيح ھجي ھا تہ اھي پنھنجن گھرن ۾ اعتڪاف ڪن ھا، ڇو تہ عورت کي گھر ۾ رھڻ جي وڌيڪ ضرورت ھوندي آھي، پر انجي باوجود مسجد ۾ اعتڪاف ڪنديون ھيون، ڪنھن صحابي جو ان تي انڪار ثابت نہ آھي، گوياڪہ عورت جي مسجد جي اعتڪاف جي جواز تي صحابہ رضي الله عنھم جو اجماع ھيو.

اھو بہ ياد رھي تہ عورتون احڪام ۾ مردن جي مثل آھن، سواءِ ان جي تہ ان جي لاءِ ڪا خاص دليل اچي وڃي.

جڏھن مرد جو اعتڪاف مسجد کان علاوہ جائز ناھي تہ عورت جي لاءِ بغير دليل جي جائز ناھي، ۽ سڀني وٽ مسجد ۾ رھڻ اعتڪاف جو رڪن آهي.

(الھداية مع البناية:٤٠٨/٣, ابن عابدين:٤٤١/٢, بلغة السالك:٥٣٨/١, كشف القناع:٣٤٧/٢)


جڏھن اعتڪاف مسجد سان گڏ خاص آھي ۽ مسجد ۾ رھڻ اعتڪاف جو رڪن آهي، تہ پوءِ بغير دليل جي عورت تان ھي "خصوصيت" ۽ "رڪنيت" ختم نٿي ٿي سگھي.


📢 اجماع

📌 ابن حبيرہ (٥٦٠ھ) لکي ٿو:


"ان ڳالھ تي (آئمہ ثلاثہ جو) اجماع واتفاق آھي تہ عورت جو اعتڪاف گھر ۾ صحيح ناهي،ليڪن ابوحنيفہ چوي ٿو تہ ان جي لاءِ پنھنجي گھر جي نماز واري جاءِ ۾ اعتڪاف جائز آھي."

(الافصاح:٢٥٦/١)

📌 علامہ عبدالحئي لکنوي (١٣٠٤ھ) لکي ٿو:


"جيڪڏهن عورت اھڙي مسجد ۾ جنھن ۾ نماز باجماعت ٿيندي ھجي ان جي لاءِ خيمو لڳايو ويو ھجي، ان ۾ اعتڪاف ڪري تہ ڪو حرج ناھي، ڇو تہ ان جو ثبوت زمانہ نبوي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي گھروارين کان ملي ٿو، جيئن صحيح بخاري مان ثابت آھي." (عمدة الرعاية:٢٥٥/١)

📌 علامه ابن قدامة المقدسي (٦٢٠ھ) لکي ٿو:


"اسان جي دليل اللہ تعالي جو فرمان (وَأَنتُم عاكِفونَ فِي المَساجِدِ) آھي، ھن مان مراد اھي جڳھون آھن، جيڪي نماز جي لاءِ ٺاھيون ويون آھن، عورت جي گھر ۾ نماز جي جڳھ اھا مسجد نہ آهي، ان لاءِ جو اھا نماز جي لاءِ ناھي ٺاھي وئي، اگرچہ مجازي طور تي ان جو نالو مسجد رکيو ويو آھي، ان جڳھ جي لاءِ حقيقي مسجد جا احڪام ثابت نٿا ٿين، جيئن تہ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان: "منھنجي لاءِ پوري زمين کي مسجد بڻايو ويو آھي." آھي، ان لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي گھروارين پاڻ صلي الله عليه وسلم کان مسجد نبوي ۾ اعتڪاف ڪرڻ جي اجازت گھري، تہ پاڻ انھن کي اجازت ڏنائون، جيڪڏهن مسجد انھن جي لاءِ اعتڪاف جي جڳھ نہ ھئي تہ پاڻ صلي الله عليه وسلم انھن کي اجازت ڇو ڏني،؟ جيڪڏهن مسجد کان علاوہ ڪنھن ٻي جڳھ تي اعتڪاف ڪرڻ افضل ھجي ھا تہ پاڻ صلي الله عليه وسلم ان جڳھ ڏانھن رھنمائي ڪن ھا، لھذا (عورت جو گھر ۾ اعتڪاف نٿو ٿي سگھي) ڇو تہ اعتڪاف قربت جو نالو آھي، ان قربت جو حصول مرد جي حق ۾ مسجد سان گڏ مشروع ڪيو ويو آھي، بس عورت جي حق ۾ بہ مشروع ڪيو ويو آھي، جيئن طواف آھي." (المغني:١٩٠/٣)


گھر جي مسجد نہ حقيقي مسجد ھوندي آھي ۽ نہ ئي حڪمي. ڇو تہ مسجد ۾ خريد و فروخت حرام آھي، گھر جي مسجد ۾ خريد وفروخت ٿي سگھي ٿي، گھر جي مسجد کي تبديل ڪري سگھجي ٿو، جڏھن تہ حقيقي مسجد کي بلا ضرورت تبديل نہ ٿو ڪري سگھجي، مسجد ۾ جنبي انسان يا حيض واري عورت جو سمھڻ ممنوع آھي، جڏھن ته گھر جي مسجد ۾ سمھي سگھجي ٿو، مسجد ۾ شور شرابو ڪرڻ کيڏڻ منع آھي، جڏھن ته گھر جي مسجد ۾ ڪو حرج نہ آھي.


📣 تنبيھ:

صحيح بخاري مان ثابت آھي تہ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم پنھنجن گھروارين کي مسجد ۾ اعتڪاف جي اجازت ڏني، ھڪ ٻي روايت ۾ پاڻ صلي الله عليه وسلم کان انڪار بہ ثابت آھي، 

فطري جا احڪام ۽ مسائل

 «__________فطري جا احڪام ۽ مسائل__________»



فطري جي فضيلت: انسان کان روزي جي اندر ڪئين لغزشون ۽ غلطيون ٿينديون رھن ٿيون جن جو ھن کي ارادو نہ ھوندو آھي. بلڪہ بي خبري کان ڪئين غلطيون ٿيو وڃن ٿيون. مثلاً بي صبري، زيادہ ڪاوڙ، برا ارادہ اجايا لفظ زبان مان نڪرڻ وغيره. تنھنڪري فطري جو صدقو مقرر ڪيو ويو آهي تان ته انھن غلطين جو ڪفارو ٿي وڃي. جيئن ابو دائود ۾ ابن عباس رضي الله عنھما کان روايت آهي ته؛ 

فَرَضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ زَكَاةَ الْفِطْرِ طُهْرَةً لِلصَّائِمِ مِنَ اللَّغْوِ وَالرَّفَثِ وَطُعْمَةً لِلْمَسَاكِينِ،

رسول الله صلي الله عليه وسلم فطري جي زڪوات فرض فرمائي. ھن لاءِ ته روزو اجاين ڳالهين ۽ ٻين ٿين غلطين کان پاڪ ۽ صاف ٿيندو رھي. ۽ مسڪينن لاءِ کاڌي جو بندوبست ٿيندو رھي.


فطري جو حڪم: فطرو ھر ڪنھن مسلمان تي فرض آهي. ٻانھو ھجي يا آزاد، مرد ھجي يا عورت ۽ ھر ننڍي وڏي جي طرفان ڏيڻ ضروري آهي. جيئين ته حديث جي اندر مذڪور آهي:

عَنِ ابْنِ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا، قَالَ : فَرَضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ زَكَاةَ الْفِطْرِ صَاعًا مِنْ تَمْرٍ أَوْ صَاعًا مِنْ شَعِيرٍ عَلَى الْعَبْدِ وَالْحُرِّ، وَالذَّكَرِ وَالْأُنْثَى، وَالصَّغِيرِ وَالْكَبِيرِ مِنَ الْمُسْلِمِينَ، وَأَمَرَ بِهَا أَنْ تُؤَدَّى قَبْلَ خُرُوجِ النَّاسِ إِلَى الصَّلَاةِ

ابن عمر رضي الله عنھما کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فطري جي زڪوات کجور يا جَوَن مان ھڪ صاع (ٽويو) فرض فرمايو. ھر ٻانھي، آزاد، مرد، عورت، ننڍي، وڏي سڀني جي مٿان فرض فرمايو، ۽ حڪم ڏنائون ته عيد نماز تي وڃڻ کان اڳ ادا ڪيو وڃي. (صحيح بخاري:1503)

نوٽ: فطرو جَوَ، کجور، ڊاک ۽ طعام مان ڏجي جيئن حديث مبارڪه جي اندر آهي ته:

عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ، قَالَ : كُنَّا نُعْطِيهَا فِي زَمَانِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ صَاعًا مِنْ طَعَامٍ، أَوْ صَاعًا مِنْ تَمْرٍ،أَوْ صَاعًا مِنْ شَعِيرٍ، أَوْ صَاعًا مِنْ زَبِيبٍ، 

ابوسعيد خدري رضي الله عنہ کان روايت آهي ته اسين رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ طعام يا کجور جَوَ يا ڊاک مان ھڪ صاع فطرو ڏيندا ھئاسون.

(صحيح بخاري:1508)

نيز ڪجھ حديثن ۾ پنير، ڪڻڪ ۽ اٽي جا لفظ بہ موجود آھن.


فطري ڏيڻ جو وقت: فطري ڏيڻ جو مسنون وقت ھي آهي ته عيد جي ڏينهن عيد نماز تي وڃڻ کان اڳ ادا ڪيو وڃي. ڇو ته ابن عمر رضي الله عنھما جي حديث ۾ آهي ته:

أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَمَرَ بِزَكَاةِ الْفِطْرِ قَبْلَ خُرُوجِ النَّاسِ إِلَى الصَّلَاةِ

رسول الله صلي الله عليه وسلم ماڻهن جي عيد نماز ڏانھن نڪرڻ کان اڳ فطري جي زڪوات ادا ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. (صحيح بخاري:1509) ۽ ابوسعيد خدري رضي الله عنہ جي روايت ۾ آهي ته

كُنَّا نُخْرِجُ فِي عَهْدِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ الْفِطْرِ

اسين رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ عيد جي ڏينهن فطري جي زڪوات ڪڍندا ھئاسون. (صحيح بخاري:1510)

ٻنھي حديثن جي ملائڻ سان معلوم ٿيو ته سنت طريقو ھي آهي ته عيد جي ڏينهن عيد نماز کان اڳ فطرو ادا ڪيو وڃي.


نوٽ: بخاريءَ ۾ عبدالله بن عمر رضي الله عنھما کان لفظ آھن ته:

وَكَانُوا يُعْطُونَ قَبْلَ الْفِطْرِ بِيَوْمٍ أَوْ يَوْمَيْنِ.

يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ عيد جي ڏينهن کان ھڪ يا ٻہ ڏينهن اڳ فطرو ڏيندا هئا. (صحيح بخاري:1511)

ھن مان مراد آهي ته بيت المال ۾ عيد کان اڳ فطرا جمع ڪيا ويندا هئا مگر تقسيم انھي ڏينھن ڪرڻي آهي. بلڪه ان ساڳي حديث ۾ ھن جملي کان اڳ ھي لفظ آھن ته (وَكَانَ ابْنُ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا يُعْطِيهَا الَّذِينَ يَقْبَلُونَهَا) ابن عمر رضي الله عنھما انهن کي فطرو ڏيندا هئا جيڪي وٺندا (جمع ڪندا) هئا. (صحيح بخاري:1511) ان جي وضاحت مؤطا مالڪ ۾ موجود آهي 

أن ابن عمر كان يبعث زكاة الفطر إلى الذي يجمع عنده قبل الفطر بيومين أو ثلاثة. 

ابن عمر رضي الله عنھما فطرا گڏ ڪرڻ واري ڏينهن عيد کان ٻہ يا ٽي ڏينهن اڳ پنھنجو فطرو ڏياري موڪليندو هو. (مؤطا مالڪ:777) واللہ اعلم بالصواب


صاع مان مراد ڪھڙو صاع آهي؟ 

علماء حجاز متفق آهن ته ان مان مراد حجازي صاع آهي جو رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ مستعمل ھو.جنھن جي ماپ پنج رطل ۽ ھڪ ٽھائي آهي. جڏهن ته حنفي چون ٿا ھن مان عراقي صاع مراد آهي جنھن جي ماپ اٺ رطل آهي. ظاهر آهي ته جڏهن رسول الله صلي الله عليه وسلم صاع جو حڪم ڏنو آهي ته اُھو ئي صاع ٿي سگھي ٿو جو سندن صاع جي موافق ھجي. حسين بن وليد نيشابوري ٻڌايو ته اسان وٽ قاضي ابو يوسف حج تان موٽي آيو ۽ چيائين ته آئون اوھان کي ھڪ خاص مسئلي جو حل ٻڌايان ٿو جنهن جو مون کي فڪر ھو ۽ تحقيق ڪئي اٿم آئون جڏهن مديني منوره آيس اتي صاع بابت پڇيم انھن پنھنجو صاع ڏيکاري چيو ته ھي رسول الله صلي الله عليه وسلم جو صاع آھي. مون انھن کان پڇيو ان بابت اوهان وٽ ڪھڙو دليل آهي. چيائون ته ان بابت دليل سڀاڻي تو وٽ پيش ڪنداسون. صبح ٿيو ته تقريباً پنجاھ بزرگ مھاجرن ۽ انصارن جي اولاد مان آيا. ھرڪو پنھنجي چادر ۾ صاع ويڙھيو کنيو آيو. (كل رجل منهم يخبر عن أبيه وأهل بيته أن هذا صاع رسول الله صلى الله عليه وسلم) ھرڪو انھن مان مون کي ٻڌائي رھيو ھو ڪو چوي پيو ته منھنجي والد ٻڌايو تہ ڪو وري چوي پيو ته منھنجي فلاڻي گھر جي ڀاتي ٻڌايو. سڀ چون ٿا ته ھي رسول الله صلي الله عليه وسلم جو صاع آھي پوءِ جاچيم ته انھن سڀني صاعن جي ھڪ ئي ماپ آهي. پوءِ انھن کي ماپيم ته تقريباً پنج رطل ۽ ھڪ ٽھائي ٿيو. (فرأيت أمرا قويا، فتركت قول أبي حنيفة في الصاع وأخذت بقول أهل المدينة) پوءِ انھيءَ دليل کي قوي سمجھيم ۽ امام ابو حنيفہ جو صاع بابت قول (تہ اھو اٺ رطل آهي) مديني وارن جي قول (پنج رطل ۽ ھڪ ٽھائي) کي ورتم. (سنن الڪبري للبيھقي:7721)


موجوده دؤر ۾ صاع جي ماپ؟

فضيلة الشيخ بديع الدين شاه راشدي رحمہ اللہ جن بديع التفاسير (ج:2 ص:325) ۾ ان جو وزن ذڪر ڪيو آهي.

صاع جي ماپ يا تور موجوده وزن مطابق ھن طرح آھي؛

(۱) ڪڻڪ ٻہ ڪلو ۽ چار سؤ گرام آهي

(۲) چانور ٻہ ڪلو ۽ ڇھ سؤ گرام آهي

(۳) جوئر ٻہ ڪلو ۽ ھڪ سؤ ويھ گرام آهي

(۴) ٻاجھري ٻہ ڪلو ۽ چار سؤ اسي گرام آهي

(۵) کجور ھڪ ڪلو ۽ اٺ سؤ گرام آهي


نوٽ: سائين بديع الدين شاه راشدي رحمہ اللہ عليہ جن وٽ اھو صاع پيل ھو جيڪو صحيح سند سان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مديني واري صاع سان برابري رکي ٿو. لھٰذا اھا ادائيگي ڪافي آهي.


««-------تحرير: محمد عمران سلفي----»»

عورتن جو مسجد ۾ اعتڪاف

 عورتن جو مسجد ۾ اعتڪاف معاشري ۾ ھڪ خطا رواج بڻجي رھي آھي، عورتون گھر ۾ اعتڪاف ويھي رھنديون آھن، اھي سمجھنديون آھن تہ شايد ھن ۾ پردي جي وڌيڪ...